village to Varsity -Abdul Hameed Tunio Travelogue

 No foto 

name of village?

file name is wrong, next time such emails will not be responded

Ur name should be in the text file in ur medium also

ڳوٺ کان سنڌ ورسٽيءَ جو سفر

Abdul Hameed Tunio

Roll: 2k18/02/Mass Communication

 

عام طور تي جڏھن ڪو غريب، هاري، مزدور

 پنهنجي اولاد کي وَسَ آهر لاءِ پڙهائيندو آهي، تہ زندگي بسر ڪرڻ لاءِ وٽس ڪجھ ته علم جي روشني هجي ۽ وقت کي گيڙڻ لاءِ ڪجھ حساب وغيره ڄاڻي سگهن. پر اڪثر انهن شاگردن منهجان ڪي وڌيڪ پڙهائي ڪرڻ جا خواب پنهنجي اکين ۾ سمائيندو آهي ته کيس اِھا خبر ڪانہ هوندي آهي تہ اڳتي ڇا ڪرڻو آهي يا ڪنهن يونيورسٽيءَ يا ڪاليج ۾ ڪيئن داخلا وٺڻي پوندي آهي؟ انهن لاءِ اهي اهڙا مشڪل مرحلا هوندا آهن جنهن ڪري منجهن اهڙي مايوسي پيدا ٿئي ٿي جنهن جا سڌي ريت سماج تي اثر پوندا آهن. اهڙا شروعاتي مونجهارا نه صرف ڪيترن ئي نوجوان شاگردن کان پر سندن والدين جي اکين کان به روشن مستقبل جا خواب اکين مان لڙڪن جو روپ ڌاري مٽيءَ منجھ ملي ويندا آهن. جن سببن ڪري معاشري ۾ ڪافي سارا شاگرد رهجي ويندا آهن جنهن جو مکيہ سبب انهن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪرڻ وارا ناهن..!

انٽر جو امتحان ڏيڻ کان پوءِ آءُ اڪثر انهن سوچن ۾ گم رهندو هيس تہ انٽر جي رزلٽ کان پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟ پر وقت بادشاھ هوندو آهي جيڪو ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو. ۽ نڪي کيس ڪنهن جي پرواھ هوندي اٿس. آخر اهو ڏينهن به آيو جو منهنجي انٽر جي رزلٽ اچي وئي. آءُ پنهنجي اسڪول جي ڪلارڪ وٽ ويس، پُڇيو مانس ته انٽر جي رزلٽ آئي آهي؟ جواب ۾ چيائين ها، اڄ نه پر سڀاڻي اچي تون پنهنجي مارڪ شيٽ کڻي وڃجانءِ اڄ مون کي آفيس ۾ ڪافي سارا ڪم ڪرڻا آهن. ڪلارڪ کان موڪلائي آءُ شهر مان گهر لاءِ سيڌو سامان وٺڻ کان پوءِ واپس گهر لاءِ روانو ٿيس تہ رستي ۾ ماسات جي فون آئي، جنهن سوال ڪيو تہ تنهنجي انٽر جي رزلٽ آئي يا نہ؟ کيس چيم ته آئي آهي پر ڪلارڪ چيو ته سڀاڻي اچي پنهنجي مارڪ شيٽ کڻي وڃجانءِ. پر خير ته آهي اهو سڀ تون ڇو پيو پُڇين؟ چيائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ ۾ ڪجھ ڏينهن بچا آهن. وارو ڪر توکي ٽيسٽ ڏيڻي آهي، ماسات جي اهڙي ڳالھ ٻڌڻ کان پوءِ پهريان تہ مان گهٻرائجي ويس. مون حيرت وچان پنهنجي ڳالھ جاري ڪندين چيو، يار يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ مان ڏيان؟ ٽيسٽ ڪير پاس ڪندو منهنجي بدران ۽ يونيورسٽيءَ جي فيسن ۽ ڪتابن جا خرچ ڪير برداشت ڪندو نہ صرف اهو پر منهنجي کائڻ پيئڻ ۽ ڪِرايا انهن جو خرچ ڪٿان ايندو؟ سچ تہ مون کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نہ پئي آئي. منهنجو جواب ٻڌڻ شرط ماسات کلي ڏنو ۽ چيائين سڀ ڪم ٿي ويندو مان چاچا سائينءَ سان پاڻ ڳالهايان ٿو، پر تون پنهنجا ڊاڪومينٽس تيار ڪري ڄامشوري پهچ. ماسات مون کي اتساھ ڏنو ۽ جنهن ڪري منهنجو حوصلو ۽ خوداعتمادي پيدا ٿي. آخر مون کي بہ ڀَڄُ ڀَڄَان ۾ ڏَھَ ڏِھاڙا جِهڙوڪَ وِھامي ويا ٽيسٽ ۾ باقي وڃي چند ڏينهن بچا هئا.

پختو ارادو ڪري ان رات مون بہ اهو فيصلو ڪيو تہ سڀاڻي لاءِ تيار ٿيڻو آهي. ان جي ڪري آءُ ان لاءِ سوير ئي سمهي رهيس تہ جيئن صبح جو سوير اٿي سگهان، ان جو سبب هڪ گاڏي هئي جيڪا صبح جو اٺين وڳي اسان جي شهر مان ڪراچيءَ لاءِ نڪرندي آهي. رات پنهنجي روانيءَ ۾ روان هئي، تان جو موذن جي الله اڪبر (آذان) جي آواز مون کي ننڊ مان جاڳايو ۽ آءُ اُٿي اکيون مهٽي ڏسان تہ بابا باھ ٻارڻ جي تياريءَ ۾ جُنِبِيَل آھي، مون کي جاڳندو ڏسي چيائين جلدي تيار ٿي ڪٿي گاڏي نہ نڪري وڃئي پُٽَ... مون چيس جي بابا… بس پنجن منٽن ۾ تيار ٿي ويندس. منهنجي دل ۽ دماغ ۾ ماسات جون اُتساھ ڀريون ڳالهيون ڪر موڙي رهيون هيون، آءُ تيار ٿيڻ کان پوءِ نيرن ڪئي جنهن کان پوءِ پنهنجي سامان جي بيگ کڻي امڙ ۽ بابا جي پيرن تي هٿ رکي موڪلايو ۽ ڄامشوري ڏانهن سفر جو سانباهو ڪيم.

ويهن منٽن اندر پيادو اچي گاڏيءَ تي پهتس گاڏي بہ نڪرڻ لاءِ تيار هئي. مون سيٽ تي ويهڻ کان پوءِ ماسات کي فون ڪري ڄامشوري اچڻ جو اطلاع ڏيندي کانئس پڇيم تہ آءُ ڄامشوري ڪٿي لهان؟ هن ڄامشورو ڦاٽڪ تي لهڻ جو چيو، جتي هو منهنجي انتظار ۾ هوندو. بس پوءِ بسم الله پڙهي شهر کان نڪتس. اسان جي شهر کان ڄامشوري تائين ٽي سو ڪلو ميٽرن جو فاصلو آهي. هونئن تہ ڪار اڳيان اڍائي کان ٽن ڪلاڪن جو سفر آهي ۽ نان اسٽاپ ڪوچ اڳيان وڌ کان وڌ چئن يا ساڍن چئن ڪلاڪن جو سفر ٿيندو، پر جنهن گاڏيءَ تي سوار هيس سا هڪ تہ لوڪل هئي ۽ ٻيو تہ ان ماڻهن ۽ ٻارن جو گوڙ جهڙوڪ ڪنهن گاڏيءَ نہ پر هوٽل تي هجان، جنهن ڪري گاڏي ۾ هلندڙ آڊيو گانن جو آواز ڪنن تائين صحيح نموني نہ ٿي پهتو، اچي بور ٿيس. سفر دوران اهڙي بوريت واري ڪيفيت مان آجو ٿيڻ لاءِ آءُ دريءَ مان جهاتيون پئي پاتيون، جتي اکين نظر ايندڙ ڪڏهن شهرن، ڪڏهن ڳوٺن، ڪڏهن دڪانن تہ ڪڏهن ماڻهن جا منظر پئي جهٽيا. ساوا فصل ۽ سارين جا پڪل سنگ ڏسي دل چيو واقعي سهڻي سنڌ سموري سون آهي. ڪٿي ٻنيءَ ۾ کيت کيڙيندڙ هارين جي هٿن ڪوڏر هئي تہ ڪٿي ڏاٽا هئا. ڏاٽو ڏسي مون کي شيخ اياز جون سٽون ياد آيون جيڪي ميٽرڪ دوران پڙهيون هيون تہ اڄ تائين ياد آهن

 

سڄو ڏيھ ڏاٽا اُڀا جي ڪري،

سوين عيد جا چنڊ اڀري پون.

 

اکين ڪٿي ڪانبا ٻڌل اهڙين عورتن کي ڏٺو ٻنيءَ مان گاھُ ڪري رهيون هيون تہ ڪٿي عورتن جي اهڙي قطار نظر ٿي آئي انهن مان ڪن کي ڀرٿ ڀيل وڳا پهريل هئا تہ ڪن کي رنگين ڪپڙا پهريل هئا انهن جو چنيون هوائن ۾ ايئن ٿي اڏاميون جيئن سنبارا بيخوديءَ مان رقص ڪري رهي هجي ۽ ان جي کڙين مان اڏام ڪندڙ موهن جي مٽيءَ جو هُڳاءُ ماحول کي مهڪائي ڇڏي. ڪن کي ڪڇن تي دِلا هئا تہ ڪن مٿي تي مٽڪا، جيڪي ڪنهن کُوھَ ڏانهن پياديون هيون. ليڪن انهن ۾ ٻہ سهاڳڻيون اهڙيون بہ هيون جن جي ڪڇن تي ابهم ٻار هئا تہ مٿي تي ٻيلھ دِلا رکيل هئا. انهن جي قطار ان ڳالھ جي گواھ هئي تہ سندن ڳوٺ جو جر کارو آهي جنهن ڪري هو ڳوٺ جي پرڀرو مٺو پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪتيون هيون.

سهڻي سنڌ جا دلڪش نظارا ڏسندو نيٺ منجهند جو ٻين وڳي گاڏي جيئن ڄامشوري ڦاٽڪ جي ويجهو پهتي تہ مون ماسات کي فون ڪري چيو تہ آءُ اسٽاپ تي پهتو آهيان، هن هڪ منٽ ۾ اچڻ جو چئي فون ڪئي. ڦاٽڪ تي لهڻ وقت ئي منهنجو ذِھنُ منتشر ٿي ويو. وڏا روڊ رستا، ڪُشادو ماحول، تازگيون آڇيندڙ دلڪش هوائون، حسين ماڻهو، وڏا وڏا هوٽل. آءُ ڄامشوري جو اهڙو ماحول ڏسندو ئي رهيس، خبر تڏهن پئي جڏهن اوچتو اچي ماسات ڪُلهي تي هٿ رکيو. مون کيس پيار منجهان ڀاڪر پاتو. ملڻ کان پوءِ پهريان تہ مون کي هڪ هوٽل تي وٺي هليو. ڊيڪوريٽ ٿيل خوبصورت هوٽل ۾ داخل ٿيندي چيائين ماسات ڇا کائيندين؟ مون چيو ماسات بس چانھ ۽ بسڪيٽ. تجسس ڀريي لهجي ۾ چيائين بس… ڳوٺان آيو آهين چانھ ته ضرور پيئنداسين پر مانيءَ کان پوءِ في الحال مون کي بہ بُکَ لڳي آ ۽ تون بہ تہ صبح کان وٺي ڪجھ نہ کاڌو هوندو. اسان ماني کائڻ کان پوءِ چانھ پيتي، جنهن کان پوءِ اسان هوٽل تان اٿي هڪ ٻي گاڏيءَ ۾ سوار ٿياسين. ماسات کي چيم وري ڪاڏي پيو هلين؟ چيائين مان حيدرآباد ۾ رهندو آهيان ان ڪري هينئر پنهنجي روم تي ٿا هلون ڪجھ گهڙي آرام ڪر. حيدرآباد جي هڪ اسٽاپ تي لٿاسون. مون ماسات کان پڇيو هي ڪهڙو اسٽاپ آهي؟ چيائين قاسم چؤڪ. آءُ ٻهراڙيءَ جو ماڻھو شهرن جو ماحول ڏسي حيرانگيءَ پئجي ويس. وڏا پبلڪ پارڪ ۽ صاف سٿرا ويڪرا روڊ ڏسي ائين پئي لڳو جيئن آءُ پرڏيھ پهتو هجان.

حيدرآباد جي، آر، ڪالونيءَ ۾ ماسات جو رينٽ تي روم هو، جتي ٽي دوست ماسات سان گڏ رهندا هئا. انهن دوستن سان ڪچهري ڪندين ڏاڍو لطف اندوز ٿيس. شام جي پهر ۾ ماسات چيو اُٿو تہ گهمڻ هلون. اسان ٻئي ڄڻا فريش ٿي روم مان نڪتاسين. مون اتان جو تعليمي ماحول ۽ اتان جي رهڻي، ڪهڻي ڏسي ڪجھ وقت سوچ ۾ پئجي ويس، ڳوٺاڻي ۽ شهري رهڻي ڪهڻي ۾ وڏو فرق آهي. سچ تہ شهري ماحول مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. رات جو گهمي ڦري موٽي روم تي پهتاسين. مون کي ماسات چيو تون هاڻي آرام ڪر صبح جو توکي سوير اُٿڻو پوندو ٽيسٽ لاءِ، پر مون کي الائي ڇو ننڊ ڪانہ ٿي آئي! نيٺ سوچيندين، سوچيندين ڪافي وقت وهامي ويو اها خبر نہ رهي تہ ڪهڙي ننڊ جي ديوي اچي پنهنجي آغوش ۾ سمهاريو.

جيئن صبح پنهنجي جوڀن کي پهتو تہ آءُ اُٿي پيس. اٿڻ سان ئي مون ماسات کي اُٿاريم. هن گهڙيال کي ڏسندي چيو تون جلدي ۾ فريش ٿي وٺ تہ نڪري هلون. پاڻ يونيورسٽي جي بس تي هلنداسين. اڄ انٽري ٽيسٽ جو ڏينهن آهي وڏي رش هوندي. مون بنا ڪنهن دير جي هٿ منهن ڌوئي واش روم مان تڪڙو نڪري آيس. پهريان تہ اسان ناشتي لاءِ هڪ هوٽل تي آياسين اتان چانھ ۽ پراٺو کائي بس طرف روانا ٿياسين، جيئن ئي بس وٺ پهتاسين تہ شاگردن جو وڏو هڪ هجوم هو جيڪي انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ هلن پيا. بس ۾ جڳھ ڪانه ٿي ملي بيٺي، بيٺي بس جو سفر ڪيوسين. جنهن وقت بس ٽول پلازه ڪراس ڪيو مون ڏٺو تہ واقعي ماسات جي ڳالھ صحيح ثابت ٿي. شاگردن جو وڏو هجوم ڏسي منهنجو ذِهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ منهنجون ٽنگون ۽ ٻانهون ڏڪڻ لڳيون. نيٺ يونيورسٽي پهتاسين جتي صرف مون کي ئي اندر وڃڻو هو. شاگردن جي هڪ وڏي لائن لڳل هئي اءُ بہ وڃي ان لائن ۾ بيٺس. جتي هر هڪ شاگرد جي سلپ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ اندر پيا ڇڏين. آخرڪار ٻارنهن وڳا ۽ ٽيسٽ شروع ٿي وئي پر آءُ هِنَ هُنَ ڏي نهاريان پيو تہ ٽيسٽ ڪيئن ڏبي آهي؟ ڇو تہ منهنجي هٿ ۾ ٻہ پرچا هئا آءُ پريشان ٿي ويس تہ ٽِڪِ مارڪ ڪهڙي پرچي تي ڪرڻي آهي. نيٺ هڪ انويجيليٽر اچي پُڇو پُٽَ ڇو پريشان ٿيو آهين؟ مون کيس چيو تہ سائين هنن ٻن پرچن مان ڪنهن تي ٽِڪِ مارڪ ڪرڻي آهي. هن مون کي ڏاڍو آسانيءَ سان سمجهاڻي ڏني. مون انهن کي پڙهي ڪري ٽيسٽ ڏيڻ جي شروعات ڪئي. ڪافي سارا سوال مون کي اچن پيا جيڪي مون صحيح ڪيا پر ڪجھ اندازن تي حل ڪيا. آخر ۾ ڪٿي ته صحيح سوال بہ غلط ڪيا ڇو تہ وقت پورو ٿيڻ وارو هو ۽ ٻيو تہ پريشرائيزڊ ٿي ويو هئس. خير ٽيسٽ ڏئي نڪتس. مون ماسات کي ڪال ڪئي ۽ پُڇيو مانس تہ ڪٿي ويٺو آهين؟ مان فري ٿي ويو آهيان. چيائين ڦاٽڪ تي اچ وڏي رش آهي. آهستي آهستي پنڌ ڪندي رند هوٽل تي اچ. مون کيس چيو چلو ٺيڪ آهي مان اچان پيو. رند هوٽل تي پهتس تہ ماسات سان سندس ڪافي دوست گڏ ويٺا هئا. سڀن پڇو ٽيسٽ ڪيئن ٿي گذري مون چيو پهريان تہ ڏاڍو پريشان رهيس پر پوءِ ڀلائي ٿي وئي. وري ماسات پڇو تون ڪيئن ڪئي آسرو آهي يا نہ؟ مون کلي چيو دلجاءِ ڪر ماسات منهنجي لاءِ، ٽيسٽ شاندار ڪري آيو آهيان. وڌيڪ نصيب جو ڪم آ. چيائين الله سائين ڀلو ڪندو. رات جو 12هين وڳي کان پوءِ رزلٽ اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. انٽر نيٽ ذريعي مون بہ پنهنجو رول نمبر استاد گوگل لسٽ ۾ هنيو، پر رب جي مهربانيءَ سان منهنجون (61) مارڪون آيون. ماسات بہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين مبارڪون ڇوڪرا! ميدان ماريو اٿئي. ٽيسٽ ٿيڻ کان پوءِ مون سوچيو هاڻي ڳوٺ وڃان جڏھن وري ڊپارٽمنٽ جي لسٽ لڳي جيتر ڳوٺ فيس جو بندوبست ڪيان. حيدرآباد ۾ جهڙوڪ مون کي چار ڏهاڙا ٿي ويا هئا، سڀني دوستن کان موڪلاڻي ٿي. ان کان پوءِ ماسات مون سان گڏجي بس اسٽاپ تي ڇڏڻ لاءِ هليو ۽ بس جي ٽڪيٽ ملڻ کان پوءِ ماسات بہ موڪلاڻي ڪئي. ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ رستي جا خوبصورت منظر اکين ۾ قيد ڪندو شام جو اچي گهر پهتس. گهر ڀاتي سڀ خوش ٿي نظر آيا ۽ ٽيسٽ پاس ڪرڻ جون هر ڪنهن مبارڪون ٿي ڏنيون، پر حيدرآباد ۾ چار ڏينهن رهڻ کان پوءِ الائي ڇو مون کي ڳوٺاڻو ماحول پهريون دفعو عجيب پئي لڳو.

Abdul Hameed Tunio

Roll: 2k18/02/Mass Communication

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

Media & Communication Studies, University of Sindh

Comments

Popular posts from this blog

Season Of Silence Bushra Fatima چُپ کا موسم

Traffic Congestion in Main Qasimabad Komal Qureshi

Waseem Akram Viral memes- Eng