Heading to Umerkot Jasvant Rathore Travelogue

Will be checked 

File name is wrong. It should be: Jasvant -Travelogue BS-III 

You should mention ur name, roll No and class in the text file in English as well as ur medium 

Some fotos, one of them showing ur presence is must. But do not send fotos now 

Heading to Umerkot Jasvant Rathore Travelogue

عمر جي ڪوٽ ڏانهن

جسونت راٺوڙ

سارنگ منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهي منهنجي دل جي ڊائري ۾ اسان جا ٽهڪ، کينچل، فيڪلٽي جي دلفريب هوائن جو لطف ۽ اهي صدما آهن جيڪي وساريندي به نه وسري سگهندا آهن. جڏهن به سارنگ سان حال احوال ٿيندو آهي ته سدائين پيار جو سڏ ڏيندو آهي ته اچ عمرڪوٽ قلعي تي ويهي ڪي دل جا حال اورجن ۽ تاريخي شهر عمرڪوٽ گهمايان, نيٺ سارنگ جي سڏ کي مان بخشيندي مون عمرڪوٽ گهمڻ جو خيال ٺاهيو.

حيدرآباد بدين اسٽاپ جتي سنڌ جي هر شهر جي گاڏي ملي ٿي مان  صبح سوير وهنجي سهنجي بيگ ۽ ڪپڙا ٻه ڏينهن جا کڻي بدين اسٽاب تي عمرڪوٽ جي گاڏي جي پڇا ڪيم, تيسين جو هڪ پاسي گاڏي ڪنڊيڪٽر هوڪا ڏيندو آيو عمرڪوٽ,عمرڪوٽ,,,,,,,,,,,,,!

مان بنا کي ڪنهن کي پڇڻ جي وڃي گاڏي ۾ ويٺس, گاڏي اي سي بس هئي, منهنجي ڀرسان سيٽ تي هڪ اڌ وهي جو مسافر ويٺل هو, جنهن کي چاپ ڏاڙهي, ڪنڊيدار مڇون, اڌ اڇا اڌ ڪارا وار ۽ سلوار قميص پاتل هئي. مون پڪ سمجهيو مڙس ڪو سنڌي آهي، ڪئين اچي شهپرن کي سنڱ ڪيا آهن.

آئون ماٺ ماٺ ڪري ڀر ۾ ويهي رهيس گاڏي جو انجڻ چالو ٿيو, ڪجھ دير ۾ حيدرآباد کي ڇڏيوسين ۽ سڀ مسافر چپ چاپ گاڏي اندر لڳل ايل سي ڊي کي ڏسڻ لڳا، جنهن تي هڪڙي پراڻي ڪا فلم هلي رهي هئي.

آئون اڪثر سفر دوران موبائيل استعمال نه ڪندو آهيان،

 گاڏي ۾ دري واري سيٽ تي ويهي هن وسيع ڪائنات جا خوبصورت ڊوڙندڙ نظارا ڏسڻ جي منهنجي عادت رهي آهي،

منهنجي ڀرسان ويٺل مسافر چيو پٽ ڪٿي ويندين؟

مون وراڻيو, بابا! آئون عمرڪوٽ وڃان ٿو!

منهنجي بابا چوڻ سان مسافر جي اکين ۾ پنهنجائپ ۽ پيار جون لهرون ڊوڙڻ لڳيون ۽ مون الاهي ڇو ائين محسوس ڪيو ته هن مسافر کي هيڏيءَ وهي ۾ ڪنهن بابا ناهي ڪري پڪاريو!

مسافر وراڻيو!

پٽ آئون به عمرڪوٽ ويندس.

اتي مونکي اطمينان ٿيو ۽ خوشي ٿي ته هاڻ آئون اوپرو ناهيان.

مون تڪڙ ڪندي چيو, اوهان به عمر ڪوٽ ويندا بابا!

چيائين هائو پٽ مان رهان عمرڪوٽ ۾ ٿو منهنجو پنهنجو غريباڻو گهر آهي مال اجهو آهي بس پيو هلائي گذر ڪيون پيا بس پٽ!

مسافر جون اکيون ڀرجي آيون, مون آٿت ڏيندي کيس ڪلهي تي هٿ رکي چيو بابا توهان مايوس ڇو ٿا ٿيو ؟

منهنجي سوال تي مسافر اکيون کولي گهڙي کن مونکي ڏسي چيائين پٽ مونکي شادي ڪندي ويھ سال ٿيا آهن پر اڄ به اسان جي اڱڻ ۾ آئون ۽ منهنجي وني فاطمه آهيون, مان اولاد جهڙي نعمت کان الاهي ڇو وانجهيل آهيان!

ائين چئي مسافر جون اکيون ڀرجي آيون ۽ هو زارو قطار روئڻ لڳو!

انجڻ پنهنجي ڀرپور طاقت سان فاصلي کي گهٽ ڪندو ٿي ويو اوچتو مون کي سارنگ فون ڪئي.

ادا! ڪٿي پهتو!

مان اڻ واقف هجڻ ناتي ڀرسان ويٺل مسافر کان پڇيو بابا اڃان ڪيتري دير ۾ پهچنداسين؟

چيائين پٽ! عمرڪوٽ شهر اندر پهچي چڪا آهيون اجهو هي آخري اسٽاپ آيو اتي پاڻ لهون ٿا ٻئي!

سارنگ چيو آئون بس اسٽاب تي بيٺو آهيان!

گاڏي پنهنجي منزل گاه تي پهچي چڪي هئي ۽ مان گاڏي مان هيٺ لٿس سامهون منهنجي يار سارنگ هڪل ڪئي

جسونت!!!

مان ڊوڙندي وڃي ڀاڪر پائي مليس گهڙي پل لاءِ اسان هڪ جسم ٿي وياسين ۽ اسان ٻنهي جون اکيون خوشي جي سيلاب سان ڀرجي آيون.

آئون سارنگ سان گڏ موٽر سائيڪل تي چڙهي سارنگ جي گهر ويس ۽ اتي فريش ٿي آئون ۽ سارنگ ويهي حال اورڻ لڳاسين. سفر جون دلچسپيون, دنيا جهان جو ڳالهيون, يونيورسٽي جا داستان, آرٽ فيڪلٽي جا کينچل ڪندي ڪندي سج اچي اسان مٿان بيٺو، وقت  منجهند جا 2 ٿي چڪا هئا. سارنگ جي سڀني گهر ڀاتين سان ويهي منجهند جي ماني کائي ويٺاسين.

سارنگ مون کي چيو تون بابا سان ويهي ڳالهيون ڪر آئون شهر مان ڪم ڪار لاهي اچان ٿو پوءِ پاڻ هلون ٿا گهمڻ.

مان چاچا سائين سان ويهي زماني جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳس ۽ تان جو سارنگ به موٽي آيو ۽ اسان ٻئي موٽر سائيڪل تي چڙهي عمرڪوٽ  شهر گهمڻ جو موڊ ڪيو.

سارنگ! عمر ڪوٽ آهي عمر جي قلعي سان پهرين اتي هلون ٿا پوءِ ٻيو پاسو.

اسان قلعي تي وياسين. ڪيڏو عاليشان ۽ مضبوط ٺهيل ڪوٽ هو, مونکي سارنگ ٻڌايو ته هن قلعي جي تاريخ هتي تمام قديم آهي, سنڌ سدائين ڌارين جي قبضي هيٺ رهي آهي هي قلعو به مختلف راڄ ڪندڙ شاهي خاندانن جي تاريخ سان رنگ برنگي آهي.

آئون ۽ سارنگ قلعي تي بيهي خوبصورت شهر جو منظر ڏسڻ لڳاسين، سارنگ چيو ته هن شهر جو بنياد سومرا دور (1350- 1050) جي بادشاه عمر سومرو (پهريون) رکيو, تيرهن صدي جي پوئين اڌ ۾ راجپوت راجا پرمار سوڍي هن تي قبضو ڪيو. هن جي جانشين راڻا پرشاد مغل شهنشاه همايون هتي پناھ ڏني هئي, جڏهن هو شير شاه سوري کان شڪست کائڻ کانپوءِ ڀٽڪي رهيو هو ۽ همايون جو ناميارو پٽ اڪبر هن شهر ۾  ڄائو آهي!

مون سارنگ جي ڳالھ غور سان ٻڌندي چيو اڇا اڪبر عمرڪوٽ ۾ ڄائو آهي؟

سارنگ وراڻيو ها بلڪل تاريخ جا مورخ لکن ٿا ته اڪبر هتي ڄائو آهي ۽ اڪبر جي ڄمڻ جي جاءِ تي اڄ به ان جي ياد ۾ منارو ٺهيل آهي جيڪو به پاڻ هلي ڏسون ٿا.

سارنگ وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته هي قلعو وري راجپوتن کان ڪلهوڙا کسي ويا ۽ پوءِ ڪلهوڙن وري ڇا ڪيو جو جوڌپور جي راجا کي وڪڻي ڏنو. 1813 ۾ ٽالپرن اهو قلعو وري واپس ورتو ۽ 1843 ۾ انگريزن جو سنڌ تي قبضي تائين وٽن رهيو.

قلعو تمام ڪشادو ۽ مستطيل شڪل جو لڳي رهيو هو, مون سارنگ کان پڇيو هي قلعو ڪيترو وڏو آهي؟ چيائين هي مستطيل شڪل ۾ ٺهيل آهي جنهن جي ماپ ٻڌائين ٿا ته 785  x946 فٽ آهي. قلعي جي چئني ڪنڊن کان اڌ گولائي وارا دفعائي برج لڳل هئا ۽ ٻئي پاسي محراب وارو داخلي رستو هو.

سارنگ مون کي چيو ته ڪنهن وقت ۾ هن قلعي جي اوڄ هوندي هئي پر هاڻي آهسته آهسته کنڊر ٿيندو پيو وڃي.

اسان هاڻ قلعي تان هيٺ لٿاسين ۽ سارنگ چيائين اچ ته سنڌ گورنمينٽ هنئير ميوزيم کوليو اٿو اهو ڏيکاريان. اسان اندر داخل ٿياسين اتي موجود ميوزيم ڏٺوسين, جنهن ۾ موجود پراڻي دور جا پهراڻ هئا، هٿيار, ڀالا, پڻڇون ۽ پراڻي دور جون بندوقون جيڪي انگريز سرڪار استعمال ڪندي هئي. هٿ جو هنر, چٽسالي جا به شاهڪار نمونا ڏٺاسين. قلعي مان ٻاهر نڪتاسين ته سج عمرڪوٽ کي الوادع ڪري وارياسي ڀٽن جي اوٽ وٺي هليو ويو ۽ سارنگ مون کي چيو ته هاڻ هلون ٿا سيءُ به لڳي پيو وري سڀاڻي گهمنداسين.

اسان ٻئي گڏجي موٽر سائيڪل تي ٿاٻا کائيندا سارنگ جي گهر آياسين شهر جا روڊ رستا تباھ ٿيل هئا.

تازا توانا ٿئي رات واري ماني کائي سارنگ چيو جئڪيٽ ۽ لوئي کڻ هلون ٿا سورج پارڪ ۾ ويهي ڪي دل جون ڳالهيون ڪيون.

مون کي به گهمڻ جو شوق، سيارو پنهنجي مست جوڀن ۾ هو، پوءِ به اسان ٻئي موٽر سائيڪل تي سورج پارڪ آياسين جتي هر طرف اوندھ هئي هڪڙو جهور پوڙهو پيرسن سگريٽ جي دونهن سان رومانس ڪري رهيو هو.

اسان سلام واريندي چيو بابا اسان ڪاٺي هٿ ڪري هتي هلڪي باھ ٻاري ويهي سگهون ٿا.

پيرسن وڏو ساھ کڻندي چيو پٽ خيال ڪجو باقي زمينون اوهانجون آهن, مالڪ ۽ ذميوار اوهان آهيو جيئن وڻي تئين ڪيو!

اسان ڪاٺيون گڏ ڪري هلڪي باھ ٻاري ڪانڀ ٻڌي ويهي دل جا حال اورڻ لڳاسين.

سارنگ يونيورسٽي جي عشق جا داستان ڳائڻ لڳو ۽ مان وطن جي عشق جا داستان ڳائڻ لڳس. اسان ٻنهي جي سگريٽن جا دونهن پنهنجو پاڻ ۾ هم ڪلامي هئا, تان جو اچي سروڻ تاري اک ڪڍي ۽ چنڊ به پنهنجي گهر ڏانهن موٽڻ لڳو, پوءِ اسان به پيرسن کي الوداع چئي موٽياسين گهر!

صبح جو سوير سارنگ جو ننڍڙو ڀاءُ جيڪو اسان سڀني کي بي حد پيارو هوندو آهي مون کي ننڊ مان اٿاري چوڻ لڳو ادا سان رڳو ويهندي مونسان به ڪچهري ڪندين نه!

معمول موجب فريش ٿي آئون سارنگ وري نڪتاسين شهر ڏانهن رستي ۾ پڇيائين هاڻ ڇا گهمندين؟

مون چيو, اڪبر جي ڄمڻ جو هند ڏيکار.

چيائين ڇا ڏسندي يار اتي رڳو موالين جي چرس پيئڻ جو اڏو آهي ڪو تفريح گاھ ناهي!

مون کي ڏک ٿيو ته اسان تاريخي مقامن کي ڪئين ميساري ۽ وساري ڇڏيندا آهيون.

ٿيو ائين ته سارنگ جي ڳالھ سچ ثابت ٿي، پنهنجي اکين سان ڏٺوسين سڀ مجاور چرس پئي رهيا هئا.

مون سارنگ کي چيو ته يار آئون هاڻي واپس نڪرندس، سڀاڻي منهنجو انٽرويو آهي.

سارنگ چيو جاني تنهنجي مرضي آ پر هڪڙي سوکڙي منهنجي کڻي وڃ امان ۽ بابا ادي کي ڏجان.

پوءِ اسان وياسين  مٺائي واري دڪان تي جتي سنڌ جي مشهور مٺائي ملي ٿي. سنڌ سڄي ۾ عمرڪوٽ جو مشهور حلوو آهي جيڪا ڪرشن مالهي جي دڪان جو آهي.

سارنگ مون کي مٺائي جا پيڪيٽ ڏئي  گاڏي ۾ ويهاري  چيو حافظ سدائين گڏ!

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

Media & Communication Studies, University of Sindh 

#JasvantRathore, #Travelogue, 

Comments

Popular posts from this blog

Season Of Silence Bushra Fatima چُپ کا موسم

Traffic Congestion in Main Qasimabad Komal Qureshi

Waseem Akram Viral memes- Eng