Jawed Panhwar Travelogue

 Will be checked 

file name not proper 

No fotos.

fotos, particularly one showing ur presence there

گورک جبل جو سير

Jawed Panhwar 2K18/MC/72

سير سفر ڪرڻ سان نه صرف تفريح ٿيندي آهي پر ان سان گڏوگڏ انسان کي جسماني ۽ ذهني طور تي به فائدو پهچندو آهي، پوء اهي جڳهيون چاهي جبلن جون اوچيون آسمان کي ڇهندڙ چوٽيون هجن، تاريخ سان سرشار ماڳ هجن يا ڪنهن ڳوٺ جي تازي ۽ صاف سٿري هوا ۾ ساه کڻندڙ هجو.

سياحت هر ملڪ ۽ قوم لاء هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن جي ڪري نوان ڪم ۽ ڪم ڪرڻ جا ذريعا وڌن  ٿا ۽ انهن جي نون پراجيڪٽن جي ڪري روزگار جا موقعا پڻ وڌن ٿا ۽ ملڪ جي معشيت کي پڻ ترقي ملي ٿي.

سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ هڪ پهاڙن جي قطار آهي جنهن جو نالو کيرٿر جبل آهي ۽ ان پٽئ جو گذر دادو ضلعي کان ٿئي ٿو. کيرٿر جبل جي اتر ۾ سڀ کان اوچي چوٽي گورک جبل آهي اها چوٽي سمنڊ جي مٿاڇري کان 5 هزار 600 فوٽ مٿي آهي.

اهي ڊسمبر جا ڏينهن  هئا سيميسٽر جون موڪلون هئڻ ڪري مان پنهنجي ڳوٺ دادو ترسيل هئس ڪجه ئي ڏينهن گذريا ته ڪلاس جي دوستن گورک جبل گهمڻ جو په ڪيو ۽ ايئن ئي اوچتو ئي اوچتو گورک گهمڻ جو منصوبو تيار ٿي ويو ڇو ته زندگئ جون ويه بهاريون گذري وڃڻ جي باوجود به مان گورک جبل پنهنجي شهر ۾ هوندي به نه گهمي سگهيس ته مان به دوستن کي منع نه ڪري سگهيس ۽ منهنجي دل به گورک جبل لاء اتاولي ٿي پئي اصل ۾ سياري جي موسم ۽ اهو به ڊسمبر گورک جبل انتهائي ٿڌو هوندو آهي ۽ خاص ڪري اتان جا مقامي ماڻهو توڙي سياح گهٽ ئي ان طرف ويندا آهن.

اسان به دوستن سان گڏجي دادو کان سفر شروع ڪيو اسان لوڪل سواري استعمال ڪري واهي پانڌي پهتاسين ۽ اتان هڪ کيکڙو گاڏي واهي پانڌئ مان ڪرائي تي بڪ ڪئيسين ۽ پوء گاڏئ تي اسان پنهنجو سفر شروع ڪيوواهي پانڌي کان 50 ڪلوميٽر اڳتي گورک جبل جي ننڍين ننڍين پهاڙن اسان کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري آجيان ڪئي واهي پانڌي کان اڳتي جيئن ئي اسان گورک جبل جي ويجهو پهتاسين ته اتي ڪو به پري پري تائين ڳوٺ ڏسڻ ۾ نه آيو واهي پانڌي جي هڪ فرد کان معلوم ٿيو ته نئي گاج جي ڇوڙ ڪري اتي ماڻهن جي رهائش تمام گهٽ هوندي آهي اتي آبادي صرف عارضئ طور لاء ٿيندي آهي.

جيئن جيئن اسان جبل تي مٿي چڙهڻ شروع ڪيو اسان ۾ تفريح جو جزبو ۽ خوف پڻ وڌڻ لڳا خوشئ جو سبب اهيو هئو ته اهڙا منظر اسان جي اکين اڳيان پهريون دفعو هئا ۽ خوف ان ڳاله جو ٿي رهيو هئو ته هڪ ته چاڙهيون تمام  اوچيون هيون ۽ ٻيو اهي بلڪل سڌيون هيون.

گلن ۽ ٻوٽن جي حوالي سان اتي ديوي، خبڙ ۽ ڪرڙن سان جبل جي هڪ سائي ساوانواڻ جي چادر چڙهيل هئي جبل جي خاص جڳه زيرو پوائنٽ آهي جيڪا جبل جي چوٽئ تي آهي  ۽ اهو آخري ڇيِڙو آهي ۽ ان منزل تائين رسائي کان پهريان اسان هڪ چانه جي هوٽل ڏٺي شايد جبل جي شروع کان چوٽئ تائين اهيا واحد رستي ۾ هوٽل هئي جڏهن اسان چانه جون لزتن سان سرڪيون ڀرڻ لڳاسين ته  اسان کي اتان جي هڪ فرد سان ڪچهري ٿي جنهن کان اسان کي اهيا ڄاڻ ملي ته جٿي دادو ۾ گرمئ جي درجه حرارت شدت ۾ هوندي آهي ته هتي جبل تي 7 کان 30 سينٽي گريڊ تائين گرمي هوندي آهي. ۽ هن وقت جيئن ته ڊسمبر آهي ته هتي ٿڌ جي درجه حرارت مائنس 6 سينٽي گريڊ ٿئي ٿي ۽ 2006ع ۾ پهريون دفعو گورڱ جبل تي برف پڻ پئي هئي اها معلومات اسان لاء بلڪل نئي هئي.

وڌيڪ اسان جي ملاقات هڪ هارئ سان ٿي جنهن ٻڌايو ته گورک جبل تي پوکي راهي جيڪا ٿيندي آهي  تنهن ۾ تر، ڪڻڪ، گوار، جوئر ۽ زيتون جو وڻ پڻ شامل آهي جانورن جا به هتي الاهي قسم رهن ٿا پر قانون جي ڀڃ ڪڙي ڪندي انهن جو غييرقانوني شڪار ڪيو ٿو وڃي ۽ جانورن جو نسل مڪمل ختم ٿي رهيو آهي. پوء اسان پنهنجي سفر کي اڳتي جاري رکيو رت پنهنجي ڪاري چادر اوڍي چڪي هئي ۽ سج جبل جي هنج ۾ لڪي چڪو هئو ۽ شام جي هلڪي اونداهئ ۾ تارا لال بٽين وانگر ٽمڪي رهيا هئا. جڏهن اسان چوٽئ تي پهتاسين ته ڇا ته دلفريب منظر هئا فلحال ته ٿڌ اسان کي اچي قابو ڪيو جبل جي آخري ڇيڙي تي سياحن لاء هڪ ريسٽ هائوس پڻ آهي ۽ اسان به فلحال اتي رهائش پذير ٿياسين ڪجه سهمت ۾ اچڻ کان پوء اسان گورک جبل جي فطري سونهن کي ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪرڻ لڳاسين.

جبل جي آخري ڇيڙي تي اتان جي ڪجه مقامي ماڻهن کان اسان کي خبر پئي ته هتي هر سال ڊسمبر مهيني ۾ ثقافت کاتي جي سهڪار سان ميلو به لڳندو آهي جنهن ۾ قومي توڙي مقامي شاعر، فنڪار اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن.

گورک جبل جي زيرو پوائنٽ پهچڻ کان پوء جهڙ به راء جيئان انسان جي قدمن هيٺان نظر اچڻ لڳي ٿو اتان جي سئ جي اسان کي پهريان کان ئي سڌ هئڻ ڪري اسان پنهنجي بندوبست سان وياسين رات به انڌيري گهگه هئڻ ڪري اسان به هڪ باه جو مچ ٻاري اتان جي فطري سونهن کي محسوس ڪندي باه جو تئو وٺي رهيا هئاسين ڏسندي ئي ڏسندي باک ڦٽڻ لڳي هر طرف سناٽو پکين جا مڌر آواز فضا ۾ گونجڻ لڳا ۽ سج اڀرڻ وقت گورک جبل جو ڏيک ئي الڳ هئو هر طرف سج جي روشنئ جي ڳاڙهاڻ جيئن ڪنوار جي هلڪي رنگ جو ڳاڙهو گهونگھٽ هوندو آهي .

جيئن سج جي روشني سئ کي گهٽجڻ جوچتاء ڏئي رهي هئي ته اسان به واپس ورڻ جا پار ڪيا ۽  ايئن ئي هزارين يادن ۽ زندگئ جي هڪ خوبصورت سفر جو سير پورو ٿيو. واپسي تي هڪ ڪاٺيون ميڙيندڙ هڪ ٻڍڙي شخص اسان کي ٻڌايو ته حڪومت اتي هڪ نئون شهر يعني گورک کي وڌيڪ ترقي يافته بنائڻ لاء سوچي رهي آهي جنهن سان نه صرف گورک جي خوبصورتئ جا راز دنيا کي خبر پوندا پر ثقافت کاتي کي پڻ ڀرپور فائدو پهچندو.

 Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

Media & Communication Studies, University of Sindh

Comments

Popular posts from this blog

Season Of Silence Bushra Fatima چُپ کا موسم

Traffic Congestion in Main Qasimabad Komal Qureshi

Waseem Akram Viral memes- Eng