Mujeeb Ahmed Saand Travelogue
File name is wrong, next time such files will not be entertained
Also write ur name in Sindhi.
Do not insert foto in text file.
Foto are lifted, not taken by u
Nothing unique, interesting, very poor
Travelogue is written on place which is not ur residence it. or change narration. Look here, this is....
Now we are at... and explain it.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو سير
MUJEEB
AHMED SAAND
ROLL NO: 2K18/MC/107/SINDHI
سرد موسم هئو ۽ صبح پره ڦٽي جو وقت هئو، ڪجهه دوست ڳوٺ جي
چوراهي تي پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻ لاءِ اچي گڏ ٿياسين،۽ ساڻ موسم جي نذاقت ڏسندي
ڪجه گرم ڪپڙا جهڙوڪ، سويٽ، جيڪي ۽ گرم ٽوپي پنجي تن تي اوڙهي ڳٺ کان نڪري بس اٽاپ
ڏانهن روانا ٿياسين جيڪو اٽڪل ڇهه ڪلوميٽر اڳيان هئو. سج به پنهنجي ننڊ پوري ڪري
آهسته آسته نڪري رهيو هئو جنهنجا هلڪا هڪا ڪرڻا
زمين تي وڇائنيل هئا ۽ رستي ۾ پکي مٺ ٻوليون ٻولي رهيا هئا ۽ هاري سندو مال
ساڻنس ڪاهي زمينن ڏانهن وڃي رهيا هئا،ڪجه ڏهن منٽن جي سفر کانپوءِ اڏيرو لعل جي بس
اسٽاپ تي اچي پهتاسين، ۽ بس جي انتظار ۾ هئاسين ته اوچتو منهنجي نظر پنهنجي ساٿين جي چهري تي پئي
جن جي چهري تي هڪ عجيب ۽ دلفريب خوشيءَ جي لهر هئي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي
رهي هئي، اڃان انهن ئي سوچن ۾ گم هئس ته اجهو بس به اچي وئي پوءِ جهٽ ڪري ڪري بس ۾
چڙهياسين ۽ پنهنجيون پنهنجيون جڳهيون والاريون سين. بس اندر ويٺاسين ته هڪ عجيب ۽
دلچسپ ڪيفيت محسوس ٿي رهي هئي ته جيئن دنيا
هر طقي جاماڻهون هڪ ئي جڳهه تي گڏ ٿيل هجن، جن ۾ ڪي نوڪرين وارا ڪي ڪاروبار
سان تعلق رکندڙ ۽ ڪي وري مزدورطبقي سن تعلق کندڙ ۽ ڪي وري
شاگرد طبقي جا ھئا. ائين ئي سفر اڳتي وڌندو رھيو ۽ مٽياريءَ ۾ وڃي بس بيٺي جتي
اسٽاپ تي ھوٽل وارو چانھ ڪاڙھي رھيو ھئو ۽ پٺاڻ ماڻھن جي پسند کي مدنظر رکندي
پراٺا, نان ۽ ناشتو تيار ڪري رھيو ھئو ۽ ڪجھ ماڻھون وري ڪرسين تي ويٺي اخنار
پڙھندي چانھ جون چسڪيون ڀري رھيا ھئا.پوء بس وري اڳيان وڌڻ لڳي جتي رستي ۾ الڳ الڳ
منظر ڏيک ڏئي رھيا ھئا.ھلندي ھلندي ڪجھ اڌ ڪلاڪ جي سفر کانپوء بس وڃي اسان کي
حيدرآباد لاٿو.جتان اسين ڄامشوري جي گاڏيءَ ۾ ويھي وري پنهنجي منزل ڏانهن روان
دوان ٿياسين. هلندي هلندي وڃي ڄامشوري واري پل يا کڻي چئجي ته المنظر واري پل تي
پهتاسين.جتي پاڻي هڪ من موهيندڙ نظارو پيش ڪري رهيو هئو. پاڻي جي ڇولين جو آواز دل
کي سڪون ۽ دماغ تي راحت طاري ڪري رهيو هئو ۽ ساڳيون ئي سيءَ ۾ پڻ شدت جي لهر پيدا
ڪري رهيو هئو ۽ ماڻھن کي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياري رهيو هئو.ٿورو اڳتي هلي
بس وڃي ڄامشوري جي ڦاٽڪ تي بيٺي ۽ هر ڪو ان مان لهڻ لڳو ڏسندي ئي ڏسندي بس خالي ٿي
وئي. ۽ پوء آئون ۽ منهنجا ساٿي به بس مان لهي وياسين ۽ رڪشا جي تلاش ڪري رهيا
هئاسين جيڪو وڃي اسان کي پنهنجي منزل مقصود تي پهچائي ها ايتري ۾ هڪ ساٿي رڪشي
واري سان ڳالهايو ۽ پوء اسين ان ۾ سوار ٿي منزل ڏانهن وڌڻ لڳاسين. اجهو وڃي سنڌ
يونيورسٽيءَ جي داخلي دروازي تي پهتاسين ڪجه گهڙيون اڳيان هلياسين ته سامهون هڪ
سائن بورڊ لڳل نظر آيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ۽ ان جي رخ جي نشاندهي ڪري رهيو هئو.
اڳتي
هلندا رهياسين ۽ انسٽيوٽ آف آرٽس ۽ ڊزائن کان ويندي وڃي هڪ جڳه تي لٿاسين جتي
سامهون هڪ اڇي ۽ نيري رنگ ۾ اونچي ۽ مضبوط
بلڊنگ ڏيک ڏئي رهي هئي جيڪا سي ايل يعني سينٽرل لائبرري هئي. پنهنجي منزل تي
پهچندي ئي منهنجي ساٿين جي خوشي ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو جيڪو انهن جي چهرن تي نمايان
ظاھر ٿي رهيو هئو.پوء انهي گهڙي اسان پنهنجي پيرن تي زور ڏنو ۽ سينٽرل لائبرري
ڏانهن وڌياسين ۽ وڃي اندر داخل ٿياسين. اندر ويندي ئي هڪ عجيب ڪيفيت ٿي جيڪا بلڪل ئي خاموشيءَ جو ڏيک
ڏئي رهي هئي هي جڳهه هن شور ۽ گوڙ سان ڀريل دنيا کان الڳ هجي جتي بلڪل ئي خاموشي
جو عالم هجي.اسان به اڳتي وڌندا رهياسين ۽ بلڊنگ جو جائزو وٺندي وڃي هڪ ڪمري ۾
داخل ٿياسين جتي شاگرد پنهنجا
ڪتاب پڙھڻ ۾ ائين مشغول هئا ڄڻ انهن کي دنيا جي ٻين شين هي اون ئي نه هجي ۽ دنيا
جي ٻين ڪمن سان ڪو سروڪار نه هجي ۽ انهن
پنهنجي زندگي جو هڪ هڪ سيڪنڊ نه
پڙھائيءَ لاء وقف ڪري ڇڏيو هجي.بلڊنگ ۾ شاگردن کي چو ويھ ڪلاڪ بجلي جي سهولت مهيا
ٿيل آھي ۽ گرمين لاء ايئر ڪنڊيشن جي به سهولت آھي. ۽ شاگردن لاء ھر قسم جي ڪتابن
جي فراهمي پڻ موجود آھي.جتي شاگرد بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ۽
جهنجهٽ جي ويهي پڙھي ۽ سندن مطالعو ڪري سگهن ٿا.
ان کان پوء اسان سانٽرل لائبرري مان نڪري آرٽس فيڪلٽي يا کڻي چئجي
ته يونيورسٽي جي ڌڙ ڏانهن وکون وڌائندي وڃي اتان نڪتاسين. آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ گهڙندي
ئي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن ريزيڊنس سوسائٽيءَ ۾ اچي نڪتا هجون.فيڪلٽي جي عمارت جي بيهڪ
اهڙي طرح ھئي جو چئني طرفن کان بلڊنگ اڏيل هئي مطلب ته چئني طرفن کان ڪلاسز هئا ۽
ڪلاسن جي اڳيان اڱڻ يا کڻي چئجي ته ورانڊو اڏيل هئو.۽ وچ ۾ خالي ٿلهو هئو جنهن تي
ڇٻر جي سائي کل چڙھيل هئي ۽ ٻيا ڪيترائي وڻ هئا جيڪي ڇانو جو پاڇو ڪريو بيٺا هئا.
جنهن جي ڇانو ۾ شاگر ۽ شاگرياڻيون پنهنجن دوستن ۽ ساهڙين سان ويهي تدريسي ڳالهيون
۽ وندر ڪندا آھن.فيڪلٽي کي ڏسي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ ھڪ سوسائٽيءَ نما هجي جتي
هوئن ته هر ڪو پنهنجن پنهنجن خفن ۾ هوندو پر محل پوڻ تي اچي گڏ ٿيندا. فيڪلٽي اندر
ٽيچرس ڪيفيٽيريا نالي هڪ ڪينٽين آھي جتي هلڪي ڦلڪي نک ختم ڪرڻ لاء سموسا, پيٽيس ۽
چانه وغيره ميسر هيون.
ان کانپوء فيڪلٽيءَ مان نڪتاسين
۽ رخ ڪيوسين اي سي ٽو ڏانهن جتي يونيورسٽيءَ جي ايڊمنسٽريشن جو ڪم ٿيندو آھي.اي سي
ٽو آرٽس فيڪلٽي کان خاشو پري آھي.جيڪو ڪيميسٽري,زولاجي,جيولاجي,جيوگرافي۽ آئي ٽي ۽
فزڪس لتاڙڻ کان بعد ۾ اچي ٿو.اي سي ٽو جو رستو وڏو ۽ ڪافي اڙانگو آھي.دراصل اي سي
ٽو جي بلڊنگ جبل مٿي ٺهيل آھي ۽ جتي وڃڻ
لاء ان تي چڙھڻو ٿو پوي پوء يونيورسٽيءَ جي طرفان شاگردن جي سهولت لاء سيڙھيون ٺھرايون ويون آھن. اي سي ٽو
وڃڻ لاء ماڻھون رڪشا يا ٻي به ڪنهن سواري جو استعمال ڪري سگهي ٿو.اي سي ٽو تي
پهتاسين ته اکين آڏو هڪ دلفريب ۽ منموهيندڙ نظارو پيش ٿيو.جنهن کي ڏسي ائين کڻي
چئجي ته اي سي ٽو ڄڻ يونيورسٽيءَ جي ڇت هجي جتان کان يونيورسٽيءَ جو ڪافي سارو حصو
اکين اندر سمائجي ٿو.اي سي ٽو گهمندي گهمندي منجهند جو وقت ٿي ويو ۽ پوء ساٿين کي
بک به اچي ورايو ۽ پوء اي سي ٽو کان هيٺ بوائز هوسٽل جي ڀرسان سينٽرل ڪينٽين نالي ڪينٽين ۾ ويهي ماني کاڌيسون.جتي
نهايت ئي سستي ريٽ ۾ ڪافي ورائٽيز ۽ بهتر ڪوالٽي ۾ کاڌو مليو جنهن جي اسان کي بلڪل
به اميد نه هئي.
ان کانپوء اسان پنهنجي آخري سفري ماڳ ڏانهن روانا ٿياسين جيڪا
سنڌيالاجي هئو.جيڪو نهايت ئي خوبصورت ۽ سهڻي نموني سان ٺھيل هئو.سنڌيالاجيءَ ۾
گهڙندي ئي ان شي جو اندازو ٿيو ته اصل کان وٺي سنڌ جي ڪهڙي ڪھڙي ثڪافت رهي آهي
۽ سنڌ ڪيتري حد تائين تاريخي آھي اها ڪهڙي ڪهڙي دورن منجهان ٿي
گزري آھي جنهن ڳالهه جو اندازو اتي رکيل پتلن ۽ اينٽيڪ شين جي ٽڪرن مان لڳائي
سگهجي ٿو.بس پوء اسان جو گهمڻ اتي ئي ختم ٿيو ۽ ڪجه ئي محلن ۾ اسان پنهنجي آستانن
ڏانهن واپس موٽڻ جي تياري ۾ لڳي وياسين.سنڌ يونيورسٽيءَ سياحتي ۽ سفري لحاظ کان
تمام گهڻي بهترين جڳه آھي جتي اچي مختلف شين ۽ جڳهين مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو.سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ايندڙ ٻهرين سياحن لاء اندر يونيورسٽيءَ ۾ ڪو خاص انتظام ته نه آھي
پر ٻاهر هوسٽلون ۽ هوٽلون موجود آھن جتي هر ڪو پنهنجي حيثيت آهر ڪمرا وٺي رهي سگهي
ٿو.ته جتي رهي ٻاهران کان آيل سياح هن خوبصورت ماڳ کي سهڻي نموني سان گهمي سگهن ٿا.
Media & Communication Studies, University of Sindh
Comments
Post a Comment