Drinking water problem in Hyderabad Jawed Ali Panhwar - Abdul Wahab - IR

To be checked
Wrong file name
No document 
 No photo 
Group: Jawed Ali Panhwar 2k18/MC/7
 Abdul Wahab 2k18/MC/08
Drinking water problem in Hyderabad 
Investigation reporting 
حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻئ جو بحران حيدرآباد سنڌ جو ٻيون نمبر وڏو شهر آهي ۽ وڏي هئڻ سان گڏوڏ شهر جا مسئلا به اوترا ئي وڏا آهن. هن وقت سڀ کان اهم مسئلو پيئڻ جو صاف پاڻي آهي ان بحران مان هن وقت حيدرآباد جا شهري گزي رهيا آهن. پاڻي انسان جي جيئاپي جو بنيادي ۽ اهم ايڪو آهي اهو چاهي پيئڻ جو پاڻي هجي يا ذراعت لاء استعمال ٿيندڙ پاڻي هجي يا وري پنهنجي زندگئ جي ٻين ڪمن ڪارن لاء استعمال ٿيندڙ پاڻي هجي هتي ڳاله هلي رهي آهي حيدرآباد ۾ پيئڻ جي صاف پاڻئ جي قلت جي جڏهن ته واسا جيڪو ڊي ايڇ اي جي هيٺان ڪم ڪري پيو اهو شهرين کي پاڻئ مهيا ڪرڻ کان قاصر اهي. واسا جي اڳوڻي مينيجنگ ڊاريڪٽر مطابق اونهاري جي موسم ۾ حيدرآباد کي هڪ سئو ملين 100 گيلن واٽر جي روزاني گهرج هوندي آهي جيڪو اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪري مهيا ڪندا آهيون هن وقت جو مينيجنگ ڊاريڪٽر واسا جنهن جو چوڻ هئو ته هن وقت اسان حيدرآباد کي 65 ملين گيلن واٽر روزاني جي حساب سان مهيا ڪري رهيا آهيون. انگريزي اخبار ٽربيون جي گذريل سال جي رپورٽ مطابق واسا جا 6 واٽر پلانٽ حيدرآباد کي پاڻي مهيا ڪري رهيا آهن پر ڪجه فني مسئلن ۽ بجيٽ جي خسارن جي ڪري شهررين تائين انهن جو ضرورت مطابق پاڻي نه پيو پهچي سگهي. پاسا لڳ ڀڳ 150،000 ماڻهن کي پاڻي مهيا ڪري پئي جڏهن ته بدقسمتئ سان 35 کان 40 سيڪڙو بلن جي ادائيگي ٿئي پئي ۽ باقي نه. (مينيجنگ ڊاريڪٽر واسا). مظفر ميمڻ مينيجنگ ڊاريڪٽر واسا کان سوال ڪرڻ تي جواب ڏيندي چيو ته حيدرآباد جي 75 سيڪڙو آبادي واٽر سپلائي استعمال ڪري پئي باقي ٻهراڙي وارا علائقا جيڪي جر جو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. حسين آباد جي رهواسي محمد عثمان جو چوڻ هئو ته اسان جي ڪالوني ۾ پاڻئ جي فراهمي بلڪل به بهتر حالت ۾ نه آهي ۽ لطيف آباد 4 نمبر جي رهواسي محمد شريف جو چوڻ هئو ته اسان پيئڻ جي پاڻئ لاء سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون جنهن تي ايم ڊي واسا مظفر ميمڻ کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي معلوم ٿئو ته حسين آباد ۽ 4 نمبر ۾ اسان فلٽر پلانٽ لڳرائي رهيا آهيون جن جو ڪم هلندڙ آهي ۽ اميد آهي ته شهرين کي ان مان ڀرپور سهڪار ملي سگهندو. ايم ڊي واسا جو چوڻ هئو ته جيڪي علائقا جر جو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن اهو هن وقت پيئڻ جي قابل نه آهي ۽ هن وقت جر جي پاڻئ جي اسٽينڊرڊ ليول اهيا آهي ته ان ۾ ڪافي حد تائين سنکيو مليل هوندو آهي جنهن سان ڪاري سائي، مليريا ۽ ٻيا مرض جنم وٺي سگهن ٿا.سندس وڌيڪ چوڻ هئو ته حيدرآباد جا اهي علائقا جيڪي ڪچي آبادي ۾ اچي وڃن ٿا جن ۾ ڪجه ڏکڻ ۾ آهن ۽ قاسم آباد کان باء پاس روڊ وارا علائقا جر جو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. نسيم نگر جي رهواسي سعيد احمد، ڦليلي روڊ سان لڳ ويٺل ڪالوني جو رهواسي محمد امين ، علمدار چوڪ جي رهواسي سلامت احمد ۽ جي آر ڪالوني ۾ ويٺل گهنشام راجا کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوء معلوم ٿيو ته پيئڻ جي صاف پاڻئ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايتري ته بدبو هوندي آهي جو اهو صفا گٽر جو پاڻي لڳندو آهي جنهن تي اسان ڪيتترائي ڀيرا شڪايتون پڻ درج ڪرائي چڪا آهيون. 23 فيبروري 2020 عوامي آواز اخبار جي رپورٽ مطابق وڏي وزير جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ بابت صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهڙو عوام سان کلي ڪچهري ڪئي جنهن ۾ کيس پيئڻ جي پاڻئ ۾ گٽر جي بدبو اچڻ ۽ ٻين مسئلن تي شهرين شڪايت ڪئي جنهن تي ايم ڊي واسا پنهنجو بيان ڏيندي چيو ته هلندڙ واٽر سينيٽيشن اسڪيم ۾ 12 ارب رپين جي گهرج آهي جڏهن ته حڪومت صرف 25 سيڪڙو رقم ادا ڪئي آهي. واسا کي واٽر سپلائي جي ڪاڻ 1280 ملين کان به وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي ان جي باوجود شهري پيئڻ جي صاف پاڻئ کان محروم ان تي واٽر سپلائي ۾ ڪم ڪندڙ شاهزيب جيڪو ڪولهي طور ڪم ڪري رهيو آهي پر کيس ٻه سال گذرڻ جي باوجود به اڃا تائين پڪو ناهي ڪيو ويو ۽ سندس اٺن مهينن کان پگهار بند آهي جنهن جو ڪارڻ اسان کي اهيو ڄاڻايو ويندو آهي ته بلن جي گهٽ ادائيگي ۽ بجيٽ جي خساري جي ڪري ملازمن جون پگهارون رنڊيل آهن.نائب قاصد مطهر جيڪو واسا آفيس ۾ ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي جنهن جو چوڻ هئو ته 1997ع کان پوء ڪنهن به ملازم کي پڪو ڪري ناهي رکيو ويو اهي ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رهيا آهن. واسا جو جيڪو سڀ کان اهم فلٽر پلانٽ آهي اهو ڄامشورو روڊ سان آهي واڌو واه روڊ قاسم آباد جي رهواسي طيب ملاح کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته گذريل سڄو هفتو پاڻي بند هيو جنهن تي واسا وارن تفصيل سان ٻڌائيندي چيو ته هر سال جي جنوري مهيني ۾ صفائي جي ڪري پاڻئ کي مخصوص وقت تي کوليو ويندو آهي جيڪڏهن نالن جي صفائي نه ٿيندي ته ان پاڻئ ۾ پاڻ مرادو ڌپ ٿي ويندي آهي. پاڻئ جو دنيا ليلول تي ڪهڙو معيار آهي ان تي ايم ڊي واسا جو چوڻ هئو ته اسان به ان ڳاله کي فالو ڪندا آهيون جيڪا رپورٽ ڊبلييو ايڇ او پاڪستان جي باري ۾ شايع ڪندو آهي ان جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ جيڪا پاڻئ جي معيار آهي 20 سيڪڙو جر جو پاڻي پيئڻ جي قابل آهي باقي 80 سديڪڙو پاڻي پيئڻ جي قابل ناهي هوندو. WHO has given a report about Pakistan on the Name of Drinking Water Quality Status and Contaminations in Pakistan هن رپورٽ ۾ اهيو ڄاڻايو ويو ته پاڪستان ۾ جر جو پاڻي استعمال ڪندڙ 80 سيڪڙو پاڻئ مان بيمار ٿين ٿا ۽ 33 سيڪڙو ماڻهو صرف جر جو پاڻي پيئڻ ڪري فوت ٿين ٿا ۽ هر سال 2.5 ملين ماڻهو صرف پاڻئ جي ڪري فوت ٿين ٿا.۽ سنڌ جا 24 سيڪڙو ماڻهو اڻ صاف ٿيل پاڻي استعمال ڪن ٿا. مهراڻ يونيورسٽئ جي پرائيويٽ فلٽر پلانتس جيڪي مڪمڪل لطيف آباد ۾ 10 فلٽر پلانٽس هئا انهن اهيا رپورٽ فيبروري 2020 ۾ ڏني جيڪا محمد علي قاضي، محمد وهاج راجپوت ۽ سلطان شيخ جي طرفان پيش ڪئي وئي جنهن ۾ هنن ڄاڻايو ته جيڪي به 10 پرائيويٽ فلٽر پلانٽ آهن انهن مان هڪ به پلانٽ اهڙو ناهي جيڪو ڊبيلو ايڇ او جي ٻڌايل پاڻئ جي معيار تي پورا لهن ۽ اهيو پاڻي ماڻهن جي استعمال جي قابل نه آهي. 
Group: Jawed Ali Panhwar 2k18/MC/7
 Abdul Wahab 2k18/MC/08 

#DrinkingWater,  #Hyderabad 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi 

Media & Communication Studies, University of Sindh

Comments

Popular posts from this blog

Season Of Silence Bushra Fatima چُپ کا موسم

Traffic Congestion in Main Qasimabad Komal Qureshi

Waseem Akram Viral memes- Eng